پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته شهباز شريف پرويز مشرف جي دور ۾ وزيراعظم بنجڻ جو خواهشمند هو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي محمود خان اچڪزئي سياست ۾ شهباز شريف جي ڪردار تي ڳالهيون ڪندي چيو ته شهباز شريف اسان جو دوست آهي پر اهو پرويز مشرف جي دور ۾ وزيراعظم بنجڻ جو خواهشمند هو. هن انڪشاف ڪيو ته نوازشريف شهباز شريف کي اهو ڪردار سنڀالڻ کان روڪيو هو پر هاڻ نوازشريف به پوئتي هٽي ويو آهي. هن پاڪستان مسلم ليگ نواز جي قيادت هيٺ حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ جاري ڳالهين تي سنگين سوال اٿاري ڇڏيا آهن. هن چيو ته اهڙي حڪومت سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن جنهن جو ڪوبه قانوني مينڊيٽ نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان اهڙين ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيون پر اهڙي قسم جي حالتن ۾ اڪثر دعائون به قبول نه ٿينديون آهن. محمود خان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته حڪمرانن کي پاڪستان جي سنگين سياسي ۽ معاشي صورتحال جي خبر نه آهي، هن تجويز ڏني ته ملڪ جي نازڪ مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ وڏيون سياسي پارٽيون، فوج ۽ عدليه تي ٻڌل گول ميز ڪانفرنس گهرائي وڃي. هن چيو ته حڪمران پاڪستان جي موجوده حالتن کان بي خبر آهن، هي انهن حقيقتن کي نٿا سمجهي سگهن جنهن کي قوم منهن ڏئي رهي آهي. اچڪزئي انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي عالمي لاڳاپن کي بهتر بنائڻ ڪيترو ضروري آهي، چين جا افغانستان سان سٺا لاڳاپا آهن ۽ اهو اسان جو دوست به آهي، پنهنجي پاڙيسرين سان ويجها لاڳاپا بحال ڪرڻ جي لاءِ اسان کي بيجنگ سان تعاون ڪرڻ گهرجي، علاقائي رابطن کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ هن روس ۽ ڀارت سان به اهڙي نوعيت جي گول ميز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي به سفارش ڪئي. ياد رهي ته وفاقي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيون دور بنا ڪنهن اڳڀرائي جي ختم ٿي ويو ڇو ته پي ٽي آءِ پارٽي جي سربراهه عمران خان سان ٻئي اجلاس ۾ ملاقات کي پوءِ پنهنجو چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ وقت گهريو هو. حڪومت ۽ تحريڪ انصاف انصاف جو ان ڪيمره اجلاس خميس تي پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو هو.