ڪنڌڪوٽ رپورٽ: غوثپور پريس ڪلب جي نئين چونڊ ۾ نارائڻ ناز صدر چونڊجي ويو

ڪنڌڪوٽ :غوثپور پريس ڪلب جي سال 2025 جي چونڊ ٿي ويئي۔ نئين سال جي چونڊ ۾ سنڌ ٽي وي نيوز جو رپورٽر نارائڻ ناز پريس ڪلب جو بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو۔ جڏھين ته جمال دين اوڳاھي سرپرست۔ عبدالسميع بجاراڻي سينيئر نائب صدر۔ ظفر شير ڀيو نائب صدر۔ شير زمان بجاراڻي جنرل سيڪريٽري۔ عبدالغفار اوڳاھي جوائنٽ سيڪريٽري۔ ماجد ڀيو آفيس سيڪريٽري ۽ اصغر محمداڻي خزانچي چونڊجي ويا۔ چونڊ بعد عھديدارن کي ھار پارائي مبارڪون ڏنيون ويون۔ ٻئي پاسي ھندو برادري جي اڳواڻ مکي سريش لال پريس ڪلب غوثپور جي نئين چونڊجي آيل باڊي کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اميد ڪريانٿو ته اڳ جيان مظلوم ۽ ڏتڙيل عوام جي حقن لا۽ جدوجھد جاري رکندا۔۔