غوثپور لڳ ڄام خان ساوند جي اسڪول 18 سال کان بند: ڳوٺاڻن جو بحالي لاءِ مطالبو

غوثپور لڳ ڳوٺ ڄام خان ساوند جي مين پرائمري اسڪول گذريل 18سالن کان بند پيل آهي ڳوٺ جا سوين ٻار ٻين ڳوٺن ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن اسڪول ۾ مقرر استاد گهر ويٺي پگهارون کاڻڻ لڳا آهن اسڪول زبون حالي جو شڪار بڻجي ويو آهي ڳوٺاڻن عبدالخالق ساوند مير حسن ساوند انيس ساوند چاڪر ساوند الله وڌايو ساوند صدام حسين ساوند ء ٻين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو آهي ته تعليم کاتي جي عملداران کي اسڪول ۾ استاد جي مسلسل غير حاضري هجڻ جوم ڪافي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر تعليم کاتي جي عملدارن هن وقت تائين اسڪول جي بحالي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا جيڪا ڳوٺاڻن سان سراسر نا انصافي آهي ڳوٺاڻن وڌيڪ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ افضل اويسي توڙي تعليم واري وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي بند پيل اسڪول کي کولرائي اسڪول ۾ استادن جي حاضري کي يقيني بڻائي اسڪول ۾ ٻيون بنيادي سهولتون معيا ڪري ڳڻتي ختم ڪئي وڃي جئين ڳوٺ ڄام خان ساوند جا سوين ٻار تعليم بهتر نموني سان پرائي سگهن