گمبٽ ويجهو مهرو واهڻ ۾ البرڪت پئٽرول پمپ ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن جي موٽرسائيڪل سوار تي فائرنگ نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو آهي فوتي ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ويو آهي۔ اڳڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪيچي واهڻ واسي موٽر سائيڪل سوار پئ پٽ مهرو واهڻ اچي رهيا ھئا ته البرڪت پئٽرول پمپ وٽان نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ جي تنيجي ۾ 48 ورهين جو موٽرسائيڪل سوارشفيع محمد پٽ حسين بخش کهڙو گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس پٽ عابد کھڙو زخمي ٿي پيو آهي. اڳڙا پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوتي ۽ زخمي کي گمبٽ گمس منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعو معمول پراڻي زميني تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي