سرگودها: عدالت مان واپس ايندڙن جي ڪار تي مخالفن جي فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

سرگودها ۾ هڪ ڪار تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، پوليس موجب سرگودها ۾ خوشاب روڊ سبهروال ڪالوني جي ڀرسان ڪار تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄنا مارجي ويا جڏهن ته 3 واٽهڙو به زخمي ٿي پيا. پوليس اختيارين موجب 4 ڄڻا عدالت کان واپس گهر وڃي رهيا هئا جنهن دوران جوابدارن پيڇو ڪري ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني جو تڪرار لڳي رهيو آهي. جوابدار هڪ ڪلاڪ کان ڪار جو انتظار ڪري رهيا هئا، فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي. پوليس موجب مخالفن 4 ڄڻن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ مقتولن جي ڳوٺ پهتا جتي هنن مقتولن جي ڳوٺ ٻاهران به فائرنگ ڪئي، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سرگودها ۾ فائرنگ سبب قتل ٿي ويل 4 ڄڻن جي واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.