انٽرنيٽ ۾ مسئلا هجڻ سبب پاڪستان ۾ وي پي اين جي وڌندڙ استعمال انٽرنيٽ کي وڌيڪ سسٽ ڪري ڇڏيو، انهي جو انڪشاف پي ٽي اي جي تازي رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي. وي پي اين ٽريفڪ سبب بينڊوڊٿ ۾ اضافي سبب پرڏيهي ناڻي جي نقصان جو به انڪشاف ٿيو آهي. پي ٽي اي جي رپورٽ موجب انٽرنيٽ جي سست رفتاري کي منهن ڏيڻ لاءِ سب ميرين ڪيبل جي گنجائڻ وڌائڻ جي ضرورت آهي، وي پي اينز جي استعمال سبب هر ميگا بائٽس جو خرچ هڪ ڊالر ٿيندو آهي، هڪ ٽي بي پي ايس جي اضافي سبب ملڪ کي هر منٽ تقريبن 10 هزار ڊالر جو نقصان ٿئي ٿو. وي پي اينز جي ذريعي بينڊوڊٿ جو استعمال آگسٽ ۾ 634 جي بي پي ايس تائين پهتو. سيپٽمبر 597 جي بي پي ايس، آڪٽوبر ۾ 815 ۾ بي پي ايس تائين پهچي ويو، نومبر ۾ وي پي اينز جي ذريعي بينڊوڊٿ جو استعمال 378 جي بي پي ايس ٿي ويو. رپورٽ موجب ڊسمبر ۾ انٽرنيٽ جي بهتري کان پوءِ اهو استعمال 437 جي بي پي ايس رهيو. وي پي اين جو وڌندڙ استعمال پاڪستان جي انٽرنيٽ انفراسٽرڪچر تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي. وي پي اينز جي وڌندڙ استعمال سبب مقامي سي ڊي اينز کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو انٽرنيٽ سي ڊي اينز جي ذريعي فراهم ڪيو ويندو آهي. وي پي اين سي ڊي اينز کي باءِ پاس ڪري ٽريفڪ کي انٽرنيشنل سرور تي منتقل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ عالمي سب ميرين ڪيبل تي بار وڌي ويندو آهي جنهن جي صلاحيت گهٽ آهي، انٽرنيٽ جي سست رفتاري کي منهن ڏيڻ لاءِ سب ميرين ڪيبل جي گنجائش کي وڌائڻ جي ضرورت آهي.