سڄڻ سائين جو امن ۽ ڀلائي وارو پيغام: برداشت، ڀائيچاري ۽ ذميواري جو درس

الله پاڪ کي اھي انسان پسند آھن جن ۾ برداشت جو حوصلو وڌيڪ آھي۔ ڪوشک ڪريو ته انسان ذات جي ڀلائي وارا ڪم ڪريو۔ ھروڀرو ڪنھن کي تڪليف ڏيئي ڪنھنجي دل کي نه ڏکايو” اھڙو اظھار درگاه الله آباد شريف ڪنڊيارو جي گادي نشين سڄڻ سائين ضلعي ڪشمور جي دوري دوران غوثپور ڀرسان تنگواني جي شادي ھال ۾ گڏ ٿيل پنھنجي سوين عقيدتمندن سان خطاب ڪندي ڪيو۔ ھن چيو ته الله جو ذڪر ڪرڻ وارا بنده خاص ليکبا آھن۔ ھن چيو ته ضلعي ڪشمور ۾ امن امان جي صورتحال گھڻي وقت کان خراب آھي جنھن لا۽سنڌ جي حڪمرانن ۽ ضلعي انتظاميه کي پنھنجي پنھنجي ذميواري نڀائڻ گھرجي۔ ھن پنھنجر مريدن کي پيغام ڏيندي چيو ته ھڪ سٺو انسان تي پنھنجي زندگي گھاريو۔ ٻئي کي نقصان ۽ تڪليف ڏيندئو ته الله جي پڪڙ کان بچي نه سگھندئو۔پروگرام ۾ جماعت الصلاح المسلمين جي ضلعي ڪشمور جي صدر خليفا حافظ ذوالفقار اوڳاھي پنھنجي تبليغي رپورٽ پيش ڪئي۔ سڄڻ سائين جي خطبي ٻڌڻ ۽ سندس ديدار لا۽ ضلعي ڪشمور جي مختلف شھرن ڪنڌڪوٽ۔ ڪشمور۔ غوثپور ۽ تنگواني مان سوين ماڻھن شرڪت ڪئي۔۔