منڊي بهاءُالدين: گهر ۾ آتشبازي جو سامان ڦاٽڻ سبب عورت سميت 6 ڄڻا فوت

 گهر ۾ آتشبازي جو سامان ڦاٽڻ سبب عورت سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب منڊي بهاءُالدين جي علائقي ڪوٽ پهلي شاهه ۾ هڪ گهر ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪو آتشبازي جي سامان ۾ باهه لڳڻ سبب ٿيو. واقعي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ 4 عورتون ۽ هڪ ٻارڙي شامل آهن. ڌماڪي سبب پاسي واري گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن  سبب 2 عورتون به فوت ٿي ويون. واقعي کان پوءِ امدادي ڪارروائي جي دوران لاشن ۽ زخمين کي آر ايڇ سي پابڙيانوالي ۽ ٽي ايڇ ڪيو اسپتال پهاليه منتقل ڪيو ويو آهي.  ڌماڪي سبب فوت ٿي ويل 4 ڄڻن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي جڏهن ته 7 زخمي ماڻهن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن.