ڪشمور ۾ ڌمڪين سبب هندو واپارين جي لڏپلاڻ

تفصيل موجب ڪشمور ضلعي م ڪشمور ڪنڌڪوٽ م ڌاڙيلن پاران ڀتي جون پرچيون موڪلڻ ڀتو نه ڏيڻ جي صورت م گھر سنگين نتيجا ڀوڳڻ ڌمڪيون ملڻ کان تنگ ٿي ڪري ٽن ڏينهن اندر 25 هندو ھندو واپاري اباڻن وٿاڻن کي ڇڏي ڪري پنهنجو لڏو کڻي ٻين شھرن ء انڊيا سنڌ امڙ کي ڇڏي ويندڙ وڪي ڪمار اميت ڪمار رنجيت ڪمار بالاجي رائو اوم ڪمار جو چوڻ هو ته پنھنجي جنم ڀومي کي ڇڏيندي دل نٿي چوي پر حالتن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو جنهن ڪري هتان اسين گهر وٿاڻ ماڳ کي ڇڏي ڪري سوين آلين اکين سان اباڻي شهر ڪنڌڪوٽ کي الوداع ڪري ٿا وڃون هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ اسان جي امڙ آهي پر ڇڏڻ تي دل نه ٿي ڪري پر اسان کي مجبور ڪيو پيو وڃي هتي ڀتي جي پرچيون اغوا چوري ء بدامني کان پريشان ٿي ويا آهيون جنهن ڪري اسان پنهنجي ٻچڙن کي ٻئي شهر انڊيا وڃون پيا وفاقي حڪومت ء سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي ضلعي ڪشمور جي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ڪرمپور غوثپور بڊاڻي بخشاپور سميت چاليھ سيڪڙو هندو انڊيا ء ٻين شھرن م وڃن پيا هتان جا چونڊيل نمائندا خاموش بڻيل آهن امن امان جي بحال ڪرائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن