طالبان عورتن کي انسان نٿا سمجهن، هڪ ڏهاڪي کان تعليم جو حق ڦري رکيو آهي:ملالا يوسفزئي

 نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي چيو آهي ته طالبان عورتن کي انسان نٿا سمجهن، هڪ ڏهاڪي کان طالبان عورتن کان تعليم جو حق ڦري رکيو آهي. اسلام آباد ۾ منعقد ڪيل مسلم معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم، موقعا ۽ چيلنجز جي عنوان تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ملالاه يوسفزئي چيو ته پاڪستان مان مون پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ منهنجو دل هميشه پاڪستان ۾ رهندو آهي، مسلم ورلڊ ليگ جي ٿورائتي آهيان جن اسان کي هتي گڏ ڪيو. هن چيو ته هر ڇوڪري جو حق آهي ته اها 12 سالن جي لاءِ اسڪول وڃي، هن ڪانفرنس جو مقصود پورو نه ٿيندو جيڪڏهن اسان افغان ڇوڪرين جي تعليم تي نه ڳالهائينداسين، طالبان عورتن جا حق ڦرڻ لاءِ 100 کان وڌيڪ قانونسازيون ڪيون آهن. غزه ۾ اسرائيل سمورو تعليمي نظام تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ملالا يوسفزئي چيو ته پاڪستان ۾ ساڍا 12 ملين ڇوڪريون اسڪول نٿيون وڃن، دنيا جي رنگن ۾ پاڪستاني ڇوڪرين جو حصو به ضروري آهي، فاطمه جناح آزادي ۽ انصاف جي جدوجهد لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو.  انهي موقعي تي مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ملالا يوسفزئي کي اعزازي  شيلڊ به ڏني. ياد رهي ته ٻن ڏينهن جي عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ملالا يوسفزئي گذريل ڏينهن پاڪستان پهتي هئي جتي ان جو پرجوش استقبال ڪيو ويو هو.