سنڌ جي ناليواري صحافي،اينڪرپرسن ۽ ڏاھي ليکڪ راھب ٻپڙ جي ٽئين ورسي جي موقعي تي سندس ڪتاب اَگِهيو ڪائو ڪچ جي مھورتي تقريب اسڪائوٽ ھال شڪارپور ۾ منعقد ڪئي وئي تقريب جي صدارت ڊاڪٽر عامر عباس سومرو،ڪئي تقريب ۾ مظھر اڄڻ،نسيم بخاري سلطان رند،واجد بخاري،عبدالسلام انڙ،حاڪم گل،امتياز منگي،ممتاز منگي،حسام ميمڻ،حسيب ناياب منگي،رحيم بخش جمالي،زاھد نون،وحيد بروھي،سارنگ ٻپڙ،رحيم لاڙڪ،زخمي رشيد مھر،عمران منگي،اسلم.سومرو،اڪرم چانڊيو،ياسين ڌاريجو،عديل علوي،ٺار چند بالاڻي،بابو لال آڪاش ڪمار،جاويد عثمان بجاراڻي،سھيل بلوچ،ثناء الله بجاراڻي،ذبير شيخ،رونق راجپوت،جاويد راھوجو،ابراھيم خليل ،ارشاد آرائين،رشيد شاھ،راجا ٻپڙ،ممتاز ٻپڙ،نواز ٻپڙ،نصراللہ ميمڻ،نماڻو،عبدالجبار عاجز منگي،عبدالڪريم ٻپڙ،پريوز ابڙو،امداد پنھور،عبدالغفار سڌايو،علي کوسو،فرحان مرتضي ابڙو،عمران مرتضيٰ ابڙو بھادر ٻرڙو،عاصم دايو،صديق اڪبر آرائين،ممتاز بروھي،اسلم جتوئي،طيب انقلابي، سميت صحافين اديبن ۽ قلم واري شعبي سان واسطو رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي،ان موقعي تي ڊاڪٽر عامر عباس سومرو چيو ته راھب ٻپڙ ھڪ بردبار صحافي ھجڻ سان گڏ متحرڪ ماڻھو ھو جنھن ھميشه سنڌ جي مسئلن جي ترجماني ڪئي،ھن چيو ته راھب پنھنجي دؤر جو فردوسي ھو جنھن لفظن ۾ سنڌ دوستي جي خوشبو ھئي،واجد بخاري چيو ته راھب ٻپڙ ھڪ جدوجھد ڪرڻ ۽ سيکارڻ وارو ڪردار ھو جنھن ڏاڍ ظلم ۽ قبائلي جھيڙن خلاف نه فقط لکيو پر ھن سيمنار پڻ ڪوٺايا،راھب ٻپڙ گھڻ رخيو ليکڪ ھو ھن جون ڊاڪيومينٽريز ھڪ تاريخي ڊاڪيومنيٽ آھن،خاص طور تي مھا ٻوڏ جي حوالي سان راھب ٻپڙ جي رپورٽنگ صحافتي تاريخ جو روشن باب آھي،نسيم بخاري چيو ته ته راھب ٻپڙ جي صحافت جو انداز شروع کان ئي ٻين کان مختلف ۽ اثرائتو رھيو،جتي ھر پاسي ڏاڍ جبر ۽ سماج اندر اڻ برابري ھجي اتي ھن نوجوان اصول پرست صحافت ڪئي،سلطان رند چيو ته راھب ٻپڙ جي مجموعي قلمي پورھئي کي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آھي،ھن جھڙا ڪردار پنھنجي ڌرتي پنھنجي ماڻھن جي وارثي ڪن ٿا ۽ ھميشه ياد رھن ٿا،رحيم بخش جمالي چيو ته راھب جي شخصيت دوستن جي مددگار شخصيت ھئي ھن جي لکڻي ۽ گفتگو جو انداز ھميشہ وڻندڙ ھيو راھب ٻپڙ جو پيدا ڪيل علمي ادبي ۽ صحافتي شعور ھميشه زنده رھندو،امتياز منگي چيو ته ماڻھو اھو زنده رھي ٿو جيڪو پنھنجي ديس جي مظلوم ماڻھن جي ڳالھ ڪري ٿو،ھن چيو ته راھب ٻپڙ پنھنجي ڌرتي ۽ ان جي. ماڻھن تي ٿيندڙ ھر ظلم تي مزاحمتي،علمي ۽ عقلي دليلن سان لکيو آھي راھب ٻپڙ ھڪ گھڻ رخيو صحافي ھو،راھب ٻپڙ جي لکڻين تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي،حاڪم گل چيو ته راھب رائونڊر صحافي ھو جنھن نيوز، رپورٽ،ڊاڪيومينٽري انويسٽيگيٽو اسٽوريز توڙي ڪلاڪن جا ڪلاڪ لائيو ٽرانسميشن ھجي ھن ڀرپور نموني سنڌ جي اشوز تي پاڻ ملھايو،عبدالجبار عاجز چيو ته راھب صحافت جي صفن ۾ روشن چنڊ جھڙو ڪردار ھو راء بھادر تارا چند،اوطاق،ڪراچي جا سنڌي اسڪولز تي ڊاڪيومينٽريز ڏيئي تاريخ لکي آھي جنھن کي ڪڏھن به وساري نه ٿوسگھجي،راجا ٻپڙ چيو ته راھب ٻپڙ ھڪ سٺو دوست،وطن دوست ۽ گھڻ رخي شخصيت ھو قبائلي جھيڙن،عورت جي حقن،سنڌ جي پاڻي،سنڌ جي ٻيٽن ۽ سنڌ جي تاريخي ڪردارن تي ھن وڏو ڪم ڪيو جنھن کي ڪڏھن به وساري نه ٿو سگھجي،محبت بابلاڻي چيو ته راھب ٻپڙ جو ڪتاب ھڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو،وحيد بروھي چيوته راھب ھڪ ڏاھو ۽ سيکاريندڙ صحافي ھو جنھن مختصر وقت ۾ سنڌ جي مسئلن تي وڏو ڪم ڪيو راھب ٻپڙ کي ڪڏھن به وساري نه ٿو سگھجي