“پريالوءِ: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي پوائنٽ تي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، شاگرد محفوظ، تحفظ جو مطالبو”

پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ ڳاڙهي موري اسپتال ڀرسان شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي پوائنٽ تي نامعلوم هٿياربند موٽرسائيڪل سوارن طرفان فائرنگ . فائرنگ دوران پوائنٽ ۾ ويٺل سمورا شاگرد معجزاڻي طور محفوظ رهيا، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب پوائنٽ کي نقصان پهتو. اطلاع موجب، هٿياربند فائرنگ ڪرڻ بعد فوري طور تي فرار ٿي ويا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي واقعي بابت اڃا تائين ڪا به واضح ڄاڻ نه ملي سگهي آهي، جڏهن ته پوليس جي ابتدائي رپورٽ موجب، فائرنگ جو سبب ذاتي دشمني يا ٻيو معاملو ٿي سگهي ٿو. شاگردن ۽ مقامي ماڻهن طرفان واقعي جي سخت مذمت ڪندي حڪومت کان تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.