“النساء فائونڊيشن سنڌ: نئين تنظيم جي عهديدارن جو اعلان ۽ سماجي خدمت جو عزم”

گمبٽ لڳ راڻيپور ۾ النساء فائونڊيشن سنڌ طرفان تنظيم جي عهديدارن جو اعلان ڪيو ويو. تقريب ۾ سرپرست اعليٰ طور ايڊووڪيٽ مير اسرار حسين ٽالپر، صدر ميڊم شاهده ڀيلار، سينئر نائب صدر ميڊم گل بانو ٻرڙو، نائب صدر نظر عباس، جنرل سيڪريٽري وحيد احمد چنو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ردا ڀيلار، جوائنٽ سيڪريٽري شازيه کوکر، فنانس سيڪريٽري قاضي سرفراز، ۽ پريس سيڪريٽري اختيار علي شاهاني کي چونڊيو ويو. ان موقعي تي آفيس رخسار ڀيلار، محمد پنجل ڳاهو، ميڊم سڪينه ڄامڙو، محترم سڪندر علي سرڪي، ۽ عبدالمجيد ملڪ کي پڻ تنظيم جي مختلف ذميوارين لاءِ چونڊيو ويو. صدر ميڊم شاهده ڀيلار چونڊيل اميدوارن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ۽ پنهنجي خطاب ۾ تنظيمي مقصدن ۽ سماجي خدمت کي اجاگر ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته چونڊيل عهديدار پنهنجي فرضن کي ايمانداري سان نڀائيندا. تقريب ۾ موجود ماڻهن طرفان عورتن جي حقن لاءِ النساء فائونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيو ويو ۽ تنظيم جي سرگرمين کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو ويو.