ڪراچي کان روزگار جي ڳولا لاءِ سکر ويندڙ 3 نوجوانن کي ڪچي جي ڌاڙيلن اغوا ڪري ورتو. گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته اغوا ڪندڙن آزاد ڪرڻ جي بدلي 60 لک روپيه ڀُنگ طلب ڪيو آهي، جڏهن ته زنجيرن سان ٻڌل نوجوانن جي وڊيو وائرل ٿيڻ تي پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب ڪراچي جي رهائشي 3 نوجوانن کي ڪچي جي ڌاڙيلن اغوا ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽئي مغوي ڪراچي جي علائقي گلبهار ۾ ڪارپيٽ جي صفائي ۽ صحفن جي مرمت جو ڪم ڪندا هئا، مغوين ۾ 2 سئوٽ ۽ انهن جو هڪ ڪاريگر شامل آهي. پوليس موجب جوابدارن مغوين جي نمبر تي آن لائن ڪم ڪرائڻ جو آسرو ڏنو، ٽئي بيروزگار نوجوان ڪم جي ڳولا لاءِ سکر ويا هئا، سکر پهچندي ئي جوابدارن نوجوانن کي يرغمال بنائي ورتو. گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته اغوا ڪندڙن آزاد ڪرڻ جي بدلي 60 لک روپيه ڀُنگ جو مطالبو ڪيو آهي. نوجوانن جي زنجيرن سان ٻڌل وڊيو وائرل ٿيڻ تي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، پوليس موجب رضويه ٿاڻي ۾ اغوا جو ڪيس داخل ڪري ڪيس جي جاچ اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل(اي وي سي سي) ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي آهي. وڊيو ۾ ٽنهي نوجوانن کي فرياد ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو. پوليس موجب مغوين جي لوڪيشن گهوٽڪي جي ڪنهن ڳوٺ کان اچي رهي آهي، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.