شهدادڪوٽ ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي گهر مٿان چڙهائي، فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا

شهدادڪوٽ ۾ ميرو خان جي ڳوٺ قائم خان چانڊيو ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي گهر تي چڙهائي، فائرنگ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا آهن. پوليس موجب نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ سبب پيءُ ۽ سندس 2 مارجي ويا آهن. مارجي ويلن ۾ 60 ورهين جو الله ڏنو چانڊيو، 30 ورهين جو انور ۽ 19 ورهين جو ڪمال شامل آهن. جڏهن ته واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايا. انهي حوالي سان پوليس جو موقف آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، ٻن خاندانن ۾ 15 سالن کان جهيڙو هلندڙ هو جنهن سبب اهو واقعو پيش آيو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.