مالڪ کي اھي انسان پسند آھن جن ۾ برداشت جو حوصلو وڌيڪ آھي۔ ڪوشش ڪريو ته انسان ذات جي ڀلائي وارا ڪم ڪريو۔ ھروڀرو ڪنھن کي تڪليف ڏيئي ڪنھنجي دل کي نه ڏکايو” اھڙو اظھار ھندن جي روحاني پيشوا ۽ رھڙڪي مندر جي گادي نشين سائين ساڌ رام صاحب اڄ ضلعي ڪشمور جي دوري دوران غوثپور جي مکي محلي ۾ ايس ايس ڊي مندر تي لڳل ھڪ ڏينھن واري ميلي جي موقعي تي گڏ ٿيل پنھنجي سوين عقيدتمندن سان خطاب ڪندي ڪيو۔ ھن چيو ته رب آڏو سرخرو ٿيڻ لا۽ انجي ڏنل حڪمن جي پوئواري ڪرڻ لازمي آھي۔ ڪاوڙ حسد ۽ ٻيائي کان بچي ھڪ سٺو انسان ٿي جيون گھاريو۔ انسانيت وارو روپ وري الئي ملي يا نه پر پنھنجي زندگي انسانيت جي پيار سان گھاريو سائين ساڌرام چيو ته پنھنجي ٻارن کي اخلاقيات ۽ ادب سيکاريو جنھنجي اولاد نيڪ ۽ صالح ھوندي انجو گھر مسئلن کان آجو ھوندو۔ ھن مريدن کي پيغام ڏيندي چيو ته ھڪ سٺو انسان ٿي پنھنجي زندگي گھاريو۔ ٻئي کي نقصان ۽ تڪليف ڏيڻ سان مالڪ ھر شئي جو اتي ئي حساب وٺندو۔ پروگرام ۾ شرڪت لا۽ آيل سائين ساڌ رام کي ھندو پئنچايت غوثپور گلن جي ورکا سان سندس آجيان ڪئي۔ ھندن جي روحاني پيشوا جي پيغام ٻڌڻ ۽ سندس ديدار لا۽ ضلعي ڪشمور جي مختلف شھرن ڪنڌڪوٽ۔ ڪشمور۔ بڊاڻي بخشاپور غوثپور ۽ ڪرمپور مان سوين مرد توڙي عورت عقيدتمندن شرڪت ڪئي ۽ نعرا ھڻي سندس ڀرپور آجيان ڪئي