اوباوڙو پوليس 2 مغوين کي مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آھي، پوليس موجب 6 مھينا اڳ اعجاز حسين ويٺل ڪلانگ ۽ محمد طارق ويٺل خانيوال کي مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو آھي، اغوا ڪندڙن ٻنھي مغوين کي شادي جي لالچ ڏئي پنوعاقل مان اغوا ڪيو ھو ايس ايس پي گهوٽڪي موجب ڊي ايس پي اوٻاوڙو پنھنجي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڳجهن ذريعن جي اطلاع تي ھسوڊھو واري علائقي پھتو جتي ڏوھارين سان مبينا مقابلو ٿي پيو، ڏوھارين ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد اغوا ڪندڙ مغوين کي ڇڏي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جنهن کان پوءِ پوليس ٻنھي مغوين کي باحفاظت بازياب ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ايس ايس پي گھوٽڪي ايس ايس پي موجب اغوا ڪندڙ مغوين کي پنجاب ڏانھن منتقل ڪري رھيا هئا ته ڳجهي اطلاع تي پوليس سندن گهيرو تنگ ڪندي مغوين کي بازياب ڪرايو. پوليس بازياب ٿيل مغوين کي ٿاڻي تي آندو جتي ضروري گھرجون پوريون ڪرڻ بعد ٻنهي مغوين کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.