ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڏوھاري راڄ برقرار شھر ڦر ڌاڙن جون وارداتون روز جو معمول بڻيل ميڊيڪل اسٽور تان تان ڦر واردات خلاف ميڊيڪل ايسوسئيشن جي سڏ تي شھر جا اڪثر ميڊيڪل اسٽور بند ڪري پريس ڪلب کان ايس ايس پي آفيس تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو آهي ـ احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻن ڪئلاش ڪمار ـ ڀيشم لال ـ چندر لال ـ رابندر لال ۽ سياسي سماجي اڳواڻ غلام مصطفي’ ميراڻي، والي ڏنو سبزوئي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪنڌ ڪوٽ شھر ڏوھارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي عوام کي پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي گذريل ڏينهن اي سيڪشن ٿاڻي جي حد پراڻي سبزي منڊي ڪشمور روڊ تي ھٿياربندن ڀيشم لال جي ميڊيڪل اسٽور ۾ داخل ٿي ھٿيارن جي زور تي روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج وائرل ٿيڻ کان پوءِ سامهون به آيا جنهن ۾ ڏوھاري سرعام ھٿيارن جي زور تي ڦرلٽ ڪري رھيا آهن ۽ بي خوف ٿي واردات ڪري فرار ٿي ويا پر ان باوجود پوليس ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي. ھنن چيو ته شھر مان ڦر ڌاڙن ۽ چورين جا واقعا روز جو معمول ھجڻ ڪري شھري خوف ۽ حراس ۾ رھڻ لڳا آهن ڏوھارين جي سرعام بي خوف وارداتن سبب ڪاروبار متاثر ٿي رھيو آهي ھنن ايس ايس پي زبير نظير شيخ کان مطالبو ڪيو ته شھر ۾ ڦر واقعن جو نوٽيس وٺي ڏوھارين خلاف سخت ڪاروائي ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي ۽ ڦر ٿيل رقم ۽ سامان واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.