اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 4 خارجي دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان جي علائقي سپن وام ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 4 خارجي دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي سپن وام ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 خارجي دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن کان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي حملي ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ضلعي خيبر ۽ ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا هئا.