ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي نزد پراڻي سبزي منڊي ويجهو موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن شو سورپ ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ بيشم لعل کي ھٿيارن جي زور تي تي يرغمال بڻائي سندن کان لکين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ٻوھاري ڦورو آساني سان وچ شھر مان فرار ٿي ويا ٻئي طرف سي سيڪشن ٿاڻي جي حد م ڏينھن ڏٺي جو ھٿياربندن جي دڪان تي ڪاھ لکين روپيا روڪ رقم ڦر ڪري ڦورو آساني سان فرار، سي سيڪشن ٿاڻي جي حد رسالدار روڊ تي موٽرسائيڪل سوار ڦورن ھول سيل ڊيلر نادر علي جسڪاڻي ۽ عملي کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سندن کان لکين روپيا روڪ رقم ڦر ڪري ڦر ڪري ڦورو آساني سان فرار ٿي ويا واقعي جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو اطلاع ملڻ تي پوليس بروقت پھچي ڏوھارين جو پيڇو ڪري پويان رواني ٿئي وئي، متاثر دڪاندار آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو سميت ٻين لاڳاپيل ادارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪري ڦر لٽ ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي،،