اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي 3 سياسي پارٽين جي رجسٽريشن رد ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن پاڪستان نيشنل پارٽي، پاڪستان تحريڪ نظام ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي رجسٽريشن رد ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر 2002ع جي تحت 4 سالن کان پوءِ هر سياسي پارٽي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي پابند آهي پوءِ ڀلي ڪهڙي به صورتحال هجي. اليڪشن ڪميشن گذريل ڏينهن صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت اثاثن جا گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تان معطل ڪري ڇڏي هئي.