آءِ جي سنڌ ڊي ايل برانچز ۾ مقرر 26 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ڊرائيونگ لائنسس برانچز ۾ مقرر عملي تي مبينه ڪرپشن جا الزام آهن، آفيسرن ۽ اهلڪارن جي معطلي کان پوءِ عهدن تان هٽائي بليڪ ڪمپني گارڊن اماڻڻ جو حڪم ڏنو جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب بليڪ ڪمپني اماڻيل 4 انسپيڪٽرز ۾ هڪ عورت به شامل آهي، 5 سب انسپيڪٽر، 2 اي ايس آءِ، عورت سميت 9 هيڊ ڪانسٽيبلز کي به بليڪ ڪمپني گارڊن اماڻيو ويو. 2 عورتن سميت 6 ڪانسٽيبلز کي به مبينه ڪرپشن جي الزامن تي بي ڪمپني اماڻيو ويو.