“صحافين ۽ شھري مظاھرو ڪري فياض سولنگي جي اغوا تي احتجاج، سنڌ ۾ اغوا جو وڌندڙ رجحان”

ٺڪراٺو جي صحافين ۽ شھرين ھڱورجا جي اغوا ٿي ويل سينيئر صحافي فياض سولنگي جي بازيابي لا۽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙ صحافين ممتاز مھر ، مجيد مھر حضرت گل پٺاڻ ، واجد سومرو ،اصغر علي مھر ، نظام الدين قاضي ، مغل مھر برڪت علي مھتم ۽ ٻين چيو آھي ته سنڌ اغوا انڊسٽري بڻجي وئي آھي هر آئي ڏينھن صحافي شھيد ۽ اغوا ٿين پيا پر سنڌ سرڪار توڙي سنڌ پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آھي ھنن چيو آھي ته ڇھ ڏينھن اڳ ھڱورجا جي سينيئر صحافي فياض سولنگي کي ڌاڙيلن اغوا ڪري قيد ۾ رکيو آھي جڏھن ته سندس قميض لاھي تشدد واري ويڊيو پڻ وائرل ڪئي وئي آھي جنھن سان سنڌ جي صحافين ۾ ڪاوڙ جي لھر پکڙيل آھن احتجاج ڪندڙن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آھي ته اغوا ٿيل صحافي فياض سولنگي کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو