حيدرآباد: (ڇنڇر: 18 جنوري 2025ع) ميرپورخاص پريس ڪلب آڏو ھڱورجا جي صحافي فياض سولنگي جي اغوا خلاف قلم ڌڻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ميرپورخاص يونين آف جرنلسٽ طرفان نذير احمد پنهور سليم، آزاد، سيد محمد خالد شُڪت پنهور ۽ شاهد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ بي لغام ٿي چڪو آهي، اڳ عام ماڻهو محفوظ نه هئا هاڻ قلم ڌڻين کي به اغُا ڪري بي رحماڻو تشدد ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته شهيد جان محمد جا قاتل اڃآن گرفتار نه ٿيا هئا ته مٿان وري هڪ ٻئي صحافي کي اغوا ڪري مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته صحافي فياض احمد سولنگي کي ترت بازياب ڪرائي ٻين صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. بدين ۾ سينئر فياض سولنگي ڌاڙيلن جي ھٿان اغوا خلاف بدين جا صحافي سراپا احتجاج صحافي اڳواڻ حاجي خالد محمود گهمڻ شوڪت ميمڻ هارون گوپانگ شڪور ميمڻ شفيع جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي م احتجاجي مظاهرو، قاضيه واہ پل کان ايوان صحافت بدين تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو اڳواڻن چيو ته سنڌ ڌاڙيل ڪلچر بڻجي وئي آهي جتي عام ماڻهو کان علاوه هاڻي صحافين کي به اغوا ڪيو پيو وڃي هنن مطالبو ڪندي چيو ته صحافي فياض سولنگي کي ڌاڙيلن کان فوري طور تي آزاد ڪرايو وڃي. قاضي احمد ۾ هنڱورجا جي صحافي فياض سولنگي کي ڌاڙيلن پاران اغوا ڪرڻ ۽ ڀنگ طلب ڪرڻ خلاف قاضي احمد ۾ صحافين. سول سوسائٽي.سنڌي ادبي سنگت.سگا تنظيم قاضي احمد سياسي. سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران نیشنل پريس ڪلب اڳيان ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي ممتاز جتوئي. راجا ساجد انڙ. خالد حسين چانڊيو محمد موسا جتوئی ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته فياض سولنگي کي ڌاڙيلن پاران اغوا ڪري مٿس تشدد ڪرڻ ۽ ڀنگ طلب ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا.ھن چيو ته سنڌ اندر صحافين کي اغوا ڪرڻ ھيسائڻ ۽ حق سچ جي آواز کي بندوق جي زور تي دٻائڻ جون سازشون ٿي رھيون آھن.سنڌ سرڪار توڙي پوليس انتظاميا ڌاڙيلن ڏوھارين آڏو بيوس لاچار بڻيل آھن. ڀان سيدآباد ۾ صحافين پاران هنگورجا جي صحافي فياض سولنگي جي اغوا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار مينگل ۽ يونين آف جرنلسٽ جي صدر مظفر کوکر جي اڳواڻي ۾ صحافين احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته صحافي فياض سولنگي کي اغوا ڪري ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، سنڌ اندر صحافي هاڻي غيرمحفوظ بڻيل آهن، قلم ڌڻين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي گمبٽ ۾ به هنڱورجا جي صحافي فياض سولنگي جي بازيابي ۽ قادر پور جي صحافي عبدالرشيد ڀٽو جي گهر تي حملو ڪندڙ ڌاڙيلن جي گرفتاري لاء جي ڊبليو سي جي سڏ تي گمبٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري قلم جي پورهيتن سان انصاف جو مطالبو ڪيو ويو، صحافي وحيد کوکر.وفا جاگيراڻي سماجي اڳواڻ آصف لاکائي ء ٻين جي اڳواڻي ۾ نعريبازي ڪئي وئي اڏيرو لال پريس ڪلب آڏو به صحافي فياض سولنگي جي بازيابی لاء سياسي سماجي ۽ صحافي برادري جو احتجاج ان موقعي قلم ڌڻين چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر وڌي رهيو آهي ڪو ماڻهون محفوظ ناهي امن امان تباه ٿي ويو آهي سنڌ حڪومت اگهور ننڊ ستل آهي هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سينئر صحافي فياض سولنگي کي بازياب ڪرايو وڃي. سيوھڻ ۾ به هنگورجا جي سينيئر صحافي فياض سولنگي جي اغوا خلاف پريس ڪلب سيوهڻ جي صحافين پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي هنگورجا پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، صحافين هنگورجا جي سينيئر صحافي فياض سولنگي کي جلد کان جلد بازياب ڪرائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. پريس ڪلب سيوهڻ جي صدر ڪي ڪي بڙدي جنرل سيڪريٽري مير رياض حسين جمالي ۽ يونين آف جرنلسٽ يونٽ ضلعي جي نائب صدر قادر بخش ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سيوهڻ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي هنگورجا پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي صدر ڪي ڪي بڙدي جنرل سيڪريٽري مير رياض حسين جمالي ۽ يونين آف جرنلسٽ جي نائب صدر قادر ڪنڀر، آصف ملاح ،احسان رند ۽ ٻين چيو ته هنگورجا جي سينئير صحافي فياض سولنگي کي ڌاڙيل اغوا ڪري سخت تشدد جو نشانو بنائي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڀنگ طلب ڪيو آهي، ان جي باوجود هنگورجا جي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي سنڌ اندر صحافي هاڻي غيرمحفوظ بڻيل آهن، سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ بنيل آهن ڪشمور ۾ هنڱورجا جي صحافي فياض سولنگي جي اغوا خلاف احتجاج ڪيو ويو. ڪشمور پريس ڪلب آڏو خيرپور جي شهر هنڱورجا سان تعلق رکندڙ صحافي فياض سولنگي جي اغوا خلاف صحآفين ۽ سياسي، سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ شهر جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن، سول سوسائٽ جي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. خيرپورناٿن شاهه: ۾ هڱورجا جي سينيئر صحافي فياض سولنگي جي بازيابي لاء احتجاجي ريلي، صحافين کي تحفظ ڏيو جي نعريبازي ڪئي وئي آھي ايڇ يو جي ضلع دادو پاران ڏنل احتجاجي سڏ تي ڪي اين شاهه جي صحافين قربان ٻگهيو، برڪت چانڊيو، سيد اظھر حسين، ممتاز ملاح، ۽ ٻين صحافي علمدار چوڪ کان ميرحسن چونڪ تائين پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي مانجھند ۾ ھنگورجا جي صحافي فياض سولنگيءَ جي بازيابي لاء بہ پريس ڪلب مانجھند جي صحافين پاران پريس ڪلب مانجھند آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھيو ويو ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ پريس ڪلب مانجھند جي صدر محسن خاصخيلي ، يوسف عمراڻي ، گلزار ملاح، محرم خاصخيلي ، عرفان مانجھند، ۽ ٻين جو چوڻ ھيو تہ سنڌ اندر وڌندڙ اغوائن جي وارداتون پوليس جي سرپرستي ھيٺ ٿي رھيو آھن سنڌ جا عام شھري محفوظ نہ ھيا تہ ھاڻي سنڌ جا قلم ڌڻي بہ اغوا ٿي رھيا آھن