حيدرآباد: سنڌ جي ببياڪ صحافي، سينيٽر شيخ علي محمد جي34ھين ورسي21 جنوري تي عقيدت ۽ احترام سان ملھائي ويـندي

 سنڌ جي ببياڪ صحافي ۽ سينيٽر شيخ علي محمد جي34ھين ورسي21 جنوري تي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويـندي.پروگرام موجب صبح جو 10 وڳي مزار تي واقع گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول شيخ حافظ موري منگر ۾ قرآن خواني ٿيندي. جنھن بعد استاد, شاگرد ۽ ڳوٺاڻا مزار تي گلن جون چادرون چاڙھيندا ۽ دعا گھري ويندي, آخر ۾ خيرات جي ماني کارائي ويندي, جيئن ته شيخ صاحب پنھنجي سينيٽري واري دور ۾ ڪيترائي ڪم ڪرايا. جن ۾ رستا, اسڪول, واٽر سپلاء ۽ ڊرينيج اسڪيمون شامل آھن. ان کانسواء ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار ڏياريو, شيخ صاحب صحافتي دور ۾ پنهنجي اخبار آفتاب ۾ ڪيترن ئي صحافين کي روزگار ڏنو. جڏھن ته ھن سنڌ، سنڌي ماڻھن، سنڌي ٻولي ۽ زبان جي ترقي ۽ واڌاري لاء سرڪار جي ناراضگي به قبول ڪئي. جنهن سبب سنڌي ماڻهن جي آواز کي دٻائڻ لاء آفتاب اخبار جا 14 مهينا اشتهار بند ڪيا ويا. شيخ صاحب 15 فيبروري 1925ع تي شيخ محمد خان جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ 21 جنوري 1991ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.سندس وصيت مطابق کيس گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول شيخ حافظ موري منگر جي احاطي ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. جنهن جو ھو باني ھو. شيخ صاحب، سائين جي.ايم جو معتقد ھو ۽ مير علي احمد خان ٽالپر، مير رسول بخش خان ٽالپر، پير غلام رسول شاھ جيلاني ۽ رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي سان سندس ياري ھئي. مير صاحبان سان ياري سبب کيس پاڪستان پيپلز پارٽي ڇڏڻي پئي. جنهن جو ھو باني ميمبر ھو.