برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي قيد ۾ موجود ڊاڪٽر عافيه صديقي صدر جوبائيڊن کان معافي جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. برطانوي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڊاڪٽر عافيه صديقي جي وڪيلن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي کي ڇڏيو ويندو ڇو ته نيون شاهديون سامهون اچڻ سان انهي جي بي گناهي جو اندازو ٿي سگهي ٿو. ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي پنهنجي وڪيلن جي ذريعي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته مان ناانصافي جو شڪار آهيان، هر ڏينهن اذيت جو آهي، اهو آسان نه آهي، انشاءَالله هڪ ڏينهن انهي عذاب مان ڇوٽڪارو ملندو. ڊاڪٽر عافيه جي وڪيل ڪلائيوٽافورڊ سمٿ مدو پورو ڪندڙ آمريڪي صدر جوبائيڊن کان معافي جو مطالبو ڪيو ۽ انهي کي 76 هزار 500 لفظن تي ٻڌل ڊوزيئر به پيش ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي ميڊيا جي رپورٽن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صدر جوبائيڊن وٽ درخواست تي غور ڪرڻ جي لاءِ سومر تائين ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري جو وقت آهي. هن 39 جوابدارن جي سزائن کي معاف جڏهن ته 3 هزار 989 جون سزائون گهٽ ڪيون.