ميرپور پور ماٿيلو کان ذوالفقار پئٽرول پمپ مبارڪپور ڏانهن پئٽرول کڻي ايندڙ ٽئنڪي نمبر ڊرائيور بابر علي ۽ انجي ڪلينر کان ٺڪراٺو شاهپور مئن روڊ تي پوليس چونڪي ڀائي خان مهر وٽان اٺن کان وڌيڪ نامعلوم ڦورن ٽئنڪي کي روڪي ڊرائيور بابر ۽ ڪلينر کان 20 هزار روپيه روڪ 2 انڊرائڊ موبائل 1 ڪي پيڊ موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦري ڪري فرار ٿي ويا متاثر ڊرائيور ٻڌايو ته گذريل رات دير سان جيئن ئي مان پوليس پڪٽ ڀائي خان مهر وٽ پهتس ته اٺن کان وڌيڪ هٿياربندن گاڏيء جو اڳ ڏيئي روڪي ورتو جنهن بعد انهن گاڏي سميت اسان کي ڪجھ مفاصلي تي وٺي ويا هو ڪنهنکي فونون ڪندا رهيا ته ڏھ هزار ليٽر پئٽرول لاهيو پر پوء گهڻي دير کانپوء اسانجون قميصون لاهي ان سان اسان جا پٺيء پويان هٿ ٻڌي گاڏيء ۾ اڇلائي ويا صبح جو عصر ويل اسان ذوالفقار پمپ وارن کي اطلاع ڏنو جنهن بعد مبارڪپور پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو علائقي واسين ٻڌايو ته گذريل ڪجھ مهينن کان ٿاڻو مبارڪپور جي پوليس پڪٽ ڀائي خان مهر تان اهلڪار هٽائڻ بعد ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون آهن جڏهن ته ايس ايڇ او مبارڪپور سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته اهلڪار تمام گهٽ آهن ڪجھ ڪورس ڪرڻ ويا آهن ڪجھ اهلڪار بدلي ٿي ويا آهن تنهنڪري ان پوليس چونڪي تي پوليس مقرر ناهي هوڏانهن متاثر ڊرائيور ۽ ڪلينر ايس يس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل رقم ۽ سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي