عنوان: جمعيت علماء طاھريہ ڪنڌڪوٽ جو سليڪشن اجلاس، نون عھديدارن جو چونڊ

جمعيت علماء طاھريہ ڪنڌڪوٽ جو سليڪشن اجلاس جي چونڊ جامع مسجد محمد مصطفي م ٿي گذري جنهن م صوبائي قائد .نائب صدر اول مولانا محمد اسحاق واھوچو نائب صدر دوئم مولانا خليفہ علي حسن لاشاري طاھري فناس سيڪريٽري مولانا حسيب احمد راھوجو طاھري جي اڳواڻي ۾ ٿي گذريو جنھن جو آغاز تلاوت قرآن مجيد سان ڪيو ويو ان موقعي تي ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا سائين بخش ملڪ طاھري جن ضلعي جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي صوبائي قائدين ضلعي جو رڪارڊ چيڪ ڪري شاباس ڏني ان موقعي تي مولاناعلي حسن لاشاري طاھري ليڪچر ڏيندي چيو ته تنظيم جي عھدي کي پنھنجو فرض سمجھي ان جي اھميت کي سمجھو پاڻ م ٻڌي جو مظاھرو ڪري ھر ھڪ ديني دنياوي ڪم ۾ پنھنجي مرشد سڄڻ سائين طرفان مليل حڪم مطابق شريعت طريقت جي پاسداري ڪريو جڏھن قرآن و حديث مطابق ڪم ھوندو ته اوھان جي گفتگو م به اثر ھوندو ان موقعي تي مولانا محمد حسيب طاھري پنھنجي اظھار خيال ۾ فرمايو ته اسان اوھان لاء سڀ کان وڌيڪ حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جي زندگي مبارڪ بھترين مشعل راھ آھي ھي تنظيم به ھڪ پليٽ فارم مرشد سڄڻ سائين جن ٺاھيو آھي ته جيئن ھر ھڪ عالم حافظ خطيب امام پنھنجي ڪردار کي بھتر ڪري سگھن ھڪ ٻئي جي سٺي اصلاح ڪري سگھن مومن مؤمن جو مددگار آھي ان کان بعد ۾ مولانا علي حسن لاشاري طاھري ضلعي جي باڊي کي تشڪيل ڏني جنھن ۾ ھي عھديدار چونڊيا ويا صدر مولانا محمد عالم اوڳاھي طاھري سينئر نائب صدرمولانا زين العابدين چاچڙ نائب صدر مولانا نور محمد ملڪ جنرل سيڪريٽري مولانا سائين بخش ملڪ طاھري جوائنٽ سيڪريٽري خليفہ حافظ ذوالفقار علي اوڳاھي فناس سيڪريٽري حافظ غلام مصطفي بنگوار پريس سيڪريٽري حافظ ظھور احمد اوڳاھي آڊيٽر خليفه غلام محمد ملڪ آفيس سيڪريٽري مولانا رياض حسين اوڳاھي,چونڊيا ويا صوبائي نائب صدر اول علي حسن لاشاري
ضلعي عھديدارن کي حلف پڻ کڻايو آخر م دعا خير گھري وئي