افغان نائب پرڏيهي وزير طالبان قيادت کان ڇوڪرين جي تعليم تي لڳايل پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 افغانستان جي عبوري حڪومت جي نائب پرڏيهي وزير شير محمد عباس ستانڪزئي افغان طالبان جي قيادت کان ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم تي لڳايل پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان 4 ڪروڙ مان 2 ڪروڙ  آبادي کي انهي جي حقن کان محروم ڪري ناانصافي جا حقدار ٿي رهيا آهيون. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب شير محمد عباس ستانڪزئي چيو آهي ته اسان امارت اسلاميه(طالبان) جي قيادت تي زور ڏيون ٿا ته هو تعليم کي هر هڪ جي لاءِ قابل پهچ بنائين. عباس ستانڪزئي اهو خطاب سرحدي صوبي خوست ۾ هڪ مدرسي ۾ دستار بندي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو هو. هن چيو ته ڇوڪرين ۽ عورتن کي تعليم کان روڪڻ جو ڪوبه جواز نه آهي. جيئن پهريان انهي جو ڪوبه جواز نه هو، ماضي ۾ به اهڙي قسم جي پابندي نه لڳائڻ گهرجي ها. هن چيو ته اها اسلامي شريعت نه آهي البته اسان جي پنهنجي طبيعت يا پسند، ناپسند جو معاملو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اڄوڪي دور ۾ ڪنهن بهاني سان عورتن تي تعليم جا دروازا بند نٿا ڪري سگهجن. اسان جي نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ به سمورن مرد ۽ عورتن تي تعليم جا دروازا کليل هئا، اڄ دنيا انهي پابندي جو بنيادي بنائي اسان تي تنقيد ڪري رهي آهي. ياد رهي ته افغان طالبان آگسٽ 2021 کان ڇوڪرين تي ڇهين ڪلاس کان اڳيان تعليم حاصل ڪرڻ تي پابندي لڳائي رکي آهي. افغانستان ۾ صرف عورت ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي کي عورتن ۽ ڇوڪرين جو علاج ڪرڻ جي اجازت آهي، طالبان اختيارين طبي تربيت بابت پابندي جي تصديق نه ڪئي آهي.