ٽرمپ دور ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن جو نئون باب شروع ٿيندو: محسن نقوي

گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ٽرمپ دور ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن جو نئون باب شروع ٿيندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي آمريڪا جي دوري دوران واشنگٽن جي لنڪن لبرٽي هال ۾ خصوصي مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي جتي سندس آمريڪي سينيٽرز، ڪانگريس ميمبرن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ملاقاتون ٿيون. محسن نقوي سينيٽر ٽومي ٽيوبرويل، ڪانگريس ميمبر ڪين ڪلورٽ، اڳوڻي برطانوي وزيراعظم لزٽرس، گورنر مس سپي فلپ برينٽ سان به ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. گهرو وزير محسن نقوي آمريڪي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪي عوام صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان محبت ڪري ٿي مان شاهد آهيان  آمريڪي عوام ٽرمپ جي صدارت کي زبردست طريقي سان ملهايو. هن چيو ته آمريڪا جي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. ٽرمپ جي دور ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن جو نئون باب شروع ٿيندو. ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن آمريڪا جي 47هين صدر جو حلف کنيو هو.