حڪومت اهم قانونسازي جي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 24 جنوري تي گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جي ايڊوائس صدر آصف علي زرداري ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. پارلياماني ذريعن موجب ايڊوائس جمعي جي صبح 10 وڳي گڏيل اجلاس گهرائڻ جي اماڻي وئي آهي. گڏيل اجلاس ۾ ڪيترائي قانون منظور ڪيا ويندا. پارلياماني ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو قانون ٻنهي ايوانن مان منظور نه ٿيڻ سبب گڏيل اجلاس مان منظور ڪرايا ويندا. ذريعن موجب حڪومت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي اسلام آباد ۾ موجود رهڻ جي هدايت به ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته سمورا ميمبر گڏيل اجلاس جي موقعي تي ايوان ۾ پنهنجي حاضري کي يقيني بنائين.