قمبر: ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان گوليون هڻي قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

 قمبر ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪي پئي شهر ٻاهران گرڊ اسٽيشن ڀرسان 16 ورهين جي نوجوان ذيشان ولد عبدالرشيد جتڪ کي موٽر سائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، هٿياربند ديده دليري سان فائرنگ ڪندا موٽرسائيڪل کڻي فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قمبر آندو، جنهن کان پوءِ مقتول نوجوان جي وارثن نوجوان جو لاش قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي رکي ڌڻو هنيو جتي  پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مقتول جي پيءُ عبدالرشيد جتڪ ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان بہ دشمني ناھي منھنجو پٽ گھر کان موٽرسائيڪل تي پنھجي ڪاٺين جي ٽال طرف وڃي رھيو ھو ظالم ھٿياربندن موٽرسائيڪل جي ڪري منھجي معصوم پٽ کي قتل ڪري ظلم ڪيو آھي. مظاهرين چيو ته قمبر ۾ بدامني جي باهه وڌي وئي آهي، پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، هٿياربند ديده دليري سان ڪارروايون ڪري فرار ٿي وڃن ٿا، پوليس کين گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، روز جي ڪاررواين سبب هتان جي رهواسين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي.  هنن مطالبو ڪيو ته فوري  طور تي نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.