ٽل مان عام واهپي جون شيون، دوائون کڻي 61 گاڏين تي ٻڌل قافلو پارا چنار پهچي ويو

هنگو جي تعلقي ٽل مان عام واهپي، دوائون ۽ ٻيو سامان کڻي 61 گاڏين تي ٻڌل قافلو پارا چنار پهچي ويو. سرڪاري ذريعن موجب قافلو اربع جي ٻنپهرن 1 وڳي روانو ٿيو هو. قافلي ۾ موجود گاڏين ۾ اٽو، کنڊ، فروٽ، سبزيون ۽ دوائون شامل آهن. ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته قافلو شام تائين پارا چنار سميت اپر ڪرم جي ٻين علائقن تائين پهتو. سرڪاري ذريعن موجب قافلي جي حفاظت پوليس ۽ ضلعي انتظاميه ڪئي جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز به مدد جي لاءِ هر وقت موجود آهي جيڪا ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي صورت ۾ ڪارروائي ڪندي. سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرم جي علائقي بگن ۾ 19 کان 21 جنوري تائين ضلعي انتظاميه، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي آپريشن ۾ وڏي انگ ۾ غيرقانوني هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. سرڪاري ذريعن موجب ڌرين جي صحيح ٿيل معاهدي موجب شرپسندن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف اربع تي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪرم امن معاهدي ۾ صحيح ڪندڙن جو جرڳو گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڪرم ۾ ڳوٺاڻي سطح تي قائم ڪيل ڪميٽين کي فعال ڪيو ويندو.