پاڙيسري ملڪ جي انٽيليجنس چيو اسان اوهان جي صرف پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ مدد ڪنداسين: بلوچ ڪمانڊر

مختلف دهشتگرد تنظيمن کي ڇڏي هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڪمانڊرز ڪوئٽه ۾ صوبائي وزيرن ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي بلوچستان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ پاڻ کي پاڪستان جي رياست جي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هٿيار ڦٽا ڪندڙ اهم دهشتگرد ڪمانڊرز ۾ نجيب الله عرف درويش، عرف آدم عبدالرشيد عرف خدائيداد عرف ڪماش ۽ ٻيا شامل آهن. دهشتگرد ڪمانڊر نجيب الله چيو ته اسان پاڪستان جي رياست ۽ انهي جي سيڪيورٽي فورسز کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. عليحدگي پسند تنظيمن جو مقصد بلوچ قوم جي جذباتن سان کيڏي انهن کي پاڪستان سان وڙهائڻ هو، منهنجو تنظيم سان ڳانڍاپو 14 سالن جي ننڍي عمر ۾ ٿيو. پاڪستان سان نفرت منهنجي دماغ ۾ ڀري وئي، گهٽ علم ۽ شعور نه هجڻ سبب رياست کي نقصان پهچايو. دهشتگرد ڪمانڊر نجيب الله چيو ته منهنجي ملاقات پاڙيسري ملڪ جي انٽيليجنس سان ٿي ۽ مون انهن جي سامهون ڪافي فائديمند مشورا رکيا پر انهن مون کي دڙڪا ڏنا. چيو ويو ته اسان کي اوهان جي آزادي سان ڪوبه فائدو نه آهي اسان اوهان کي صرف پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ مدد ڪنداسين، تڏهن منهنجون اکيون کلي ويون ۽ نام نهاد آزادي جي پٽي منهنجي اکين تان هٽي وئي. دهشتگرد ڪمانڊر چيو ته بلوچ آزادي پسند اڳواڻ پرڏيهه ۾ ويهي عياشي جي زندگي گذاري رهيا آهن جڏهن ته جبلن تي وڙهندڙ بلوچن کي ٻن وقتن جي ماني ۽ دوائون به نٿيون ملي سگهن. بلوچ ڪمانڊر هتي جي ماڻهن کي پنهنجن ناپاڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آهن، انهن سڀني جا ٻار پرڏيهه ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. نجيب الله چيو ته بلوچ هٿياربند تحريڪ گينگ وار جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي جتي ذاتي ۽ گروپن جي مفادن کي اوليت ڏني ويندي آهي سينئر ۽ جونيئر ڪمانڊرز اندروني سازشن جو شڪار ٿي رهيا آهن، پاڻ ۾ ئي جهيڙي دوران هڪ ٻئي کي قتل ڪيو پيو وڃي. نجيب الله چيو ته حربيار مري ۽ مهراڻ مري ٻئي ڀائر آهن جن جا ڪرپشن سبب اختلاف ٿيا  جنهن کان پوءِ بي ايل اي مان يو بي اي تيار ڪئي وئي، انهن ٻنهي گروپن جي جهيڙي دوران ڪيترائي ماڻهو مارجي وڃن ٿا، جڏهن ته مرڻ وارو هڪ عام بلوچ هوندو آهي پر  هنن ٻنهجي ڀائرن کي ڪوبه نقصان نٿو پهچي. ٻئي پاسي صوبائي وزير ظهور احمد بليدي چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خطرناڪ راند کيڏي پئي وڃي. معصوم ٻارن کي سنهرا خواب ڏيکاري جبلن تي آندو ويندو آهي. حڪومت هٿيار ڦٽا ڪندڙن جي کلي دل سان آجيان ڪري ٿي. پهاڙن تي ويٺل گمراهه ماڻهن جي لاءِ به رستو کليل آهي.