پيڪا ترميمي بل آزاد صحافت تي پابندي لاءِ آندو ويو آهي، موجوده حڪمران جمهوريت سان مذاق ڪري رهيا آهن: ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پيڪا( پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائيم ايڪٽ) آئيني ترميم بل تي سخت خدشات ظاهر ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪمران آمرن جيان اهڙا بل پاس ڪري جمهوريت سان مذاق ڪري رهيا آهن. جمهوري راڄ ۾ ڪنهن به بل کي منظور ڪرڻ کان پهرين ان کي بحث هيٺ آندو ويندو ۽ عوام جي راءِ کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي پر هي حڪمران رات جو قانون ٺاهي صبح ايوانن مان پاس ڪري آمريت جي نقش قدم تي هلي رهيا آهن. ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پيڪا ترميمي بل آزاد صحافت ۽ اظهار جي آزادي تي پابندي جي برابر آهي. ترميم جي تحت جيڪو قانون تشڪيل ڏنو ويو آهي ان تحت هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو هنن حڪمرانن جي غلط قدمن ۽ عملن تي تنقيد ڪندو ته ان مٿان ان قانون جو استعمال ڪري ان آواز کي دٻايو ويندو ۽ انتقامي ڪارواين لاءِ استعمال ڪيو ويندو. انڪري ان قسم جو قانون ملڪي آئين ۽ عالمي قانونن ۽ اصولن جي خلاف ورزي آهي جنهن سان نه صرف آزاد صحافت جو آواز گهٽيو ويندو پر اظهار جي آزادي جو حق مڪمل کسيو ويندو. هن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ان قانون کي ختم ڪيو وڃي سڄي دنيا ۾ جتي اظهار جي آزادي کي وڌيڪ وسيع ڪيو پيو وڃي اتي هن ملڪ ۾ وري ان جي ابتڙ ان کي سوڙهو ڪري گهٽو ڏنو پيو وڃي. اسٽريم ميڊيا کان ويندي سوشل ميڊيا تي جيڪڏهن ڪا فيڪ نيوز اچي ٿي ته پهريان ان جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي ان کانپوءِ الزام ثابت ٿيڻ بعد ڪا ڪاروائي ٿيڻ گهرجي پر ائين الزام هڻي حڪمران سچ کي دٻائڻ چاهين ٿا جيڪو قابل مذمت ۽ جمهوريت جي خلاف عمل آهي.