سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ واري فيصلي خلاف ملازمن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي خط لکي ڇڏيو آهي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي ملازمن ضلعي ۽ سيشن جج منو مل کي خط لکي بورڊ کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ خلاف ڪارروائي جي اپيل ڪئي آهي. خط ۾ ملازمن موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو قيام پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ ٿيو هو، هن بورڊ تعليم جي ترقيءَ لاءِ مفت ڪتابن جي ورڇ جو هڪ جامع منصوبو لاڳو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خوابن جو به حصو هو پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هاڻي ان جي پارٽي ذاتي فائدي لاءِ هن اهم تعليمي اداري کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. لکيل خط ۾ ملازمن سنڌ حڪومت پاران سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ جي فيصلي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي معزز جج کي اپيل ڪئي ته هو فوري ڪارروائي ڪن، ڇو ته اهڙو قدم بورڊ جي مئنڊيٽ کي متاثر ڪندو ۽ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25-اي جي ڀڃڪڙي هوندي، جيڪا ٻارن لاءِ مفت ۽ لازمي تعليم جي ضمانت ڏئي ٿي. ملازمن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته بورڊ کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ سان ڪتابن کي واپار بڻايو ويندو، جيڪو غريب شاگردن لاءِ ناقابل پهچ بڻجي ويندو. هنن زور ڏنو ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ تاريخي طور تي غريب شاگردن کي مفت تعليمي ڪتاب فراهم ڪندو رهيو آهي ۽ ان کي واپاري ادارو بڻائڻ سندن بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ برابر هوندو. ملازمن معزز جج منو مل کان اهو به مطالبو ڪيو ته هو سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه کان پڇا ڪن ته بورڊ کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. هنن نشاندهي ڪئي ته اهو فيصلو ڪتابن ۽ ضروري مواد جي برابريءَ واري ورڇ کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، جيڪو جسٽس پنهور جي حڪمن ۾ بيان ڪيل شفافيت ۽ دستيابي واري مشن جي ابتڙ آهي. واضح رهي ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج منو مل کي جسٽس صلاح الدين پنهور پاران 11 ڊسمبر 2019 تي اپيل نمبر 32/2017 ۾ جاري ڪيل حڪم تحت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو مانيٽرنگ جج مقرر ڪندي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ شفافيت ۽ ذميواري يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو هو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج منو مل کي اها ذميواري ڏني وئي ته هو باقاعدي طور بورڊ جو دورو ڪن، طريقه ڪار ۽ نظام جو جائزو وٺن، اسڪولن ۽ ڪاليجن تائين ڪتابن جي دستيابي وڌائين.