عام واهپي جون شيون ۽ دوائون کڻي 70 گاڏين جو قافلو ضلعي ڪرم پهچي ويو. سبزي، فروٽ، دوائون، کنڊ، اٽو، گيهه سميت ٻئي عام واهپي جي شين تي ٻڌل 70 گاڏين جو قافلو پارا چنار پهچي ويو. هڪ ڏينهن جي وقفي کان پوءِ ٻيون قافلو پهچڻ کان پوءِ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته پيٽرول، ڊيزل جي سپلاءِ بحال نه ٿي آهي جنهن سبب شهري پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ محدود آهن ۽ مريضن کي اسپتال تائين پهچائڻ ۾ ڪافي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر افراسياب زبير بندل چيو آهي ته رستا کولڻ سميت امن معاهدي جي سمورين شقن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. صحت واري صلاحڪار احتشام علي موجب زميني رابطو بحال ٿيڻ تائين هيلي ڪاپٽر جي ذريعي دوائون اماڻيون پيون وڃن. ٻئي طرف ڪرم ۾ اڄ کان بنڪرز ڪيرائڻ جو ڪم ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته امن معاهدي تي صحيح ڪندڙن ۽ امن ڪميٽين جي ميمبرن سان جرڳو به 3 ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ هٿيار جمع ڪرائڻ جي طريقيڪار جا معاملا طئي ڪيا ويندا.