بلوچستان جي 25 ضلعن ۾ لوڪل گورنمنٽ جي ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان جاري آهي جيڪو شام جو 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو. صوبائي اليڪشن ڪميشن موجب چونڊن جي 50 جنرل وارڊز ۾ 167 اميدوار آمهون سامهون آهن، چونڊن جي لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. 25 ضلعن ۾ گڏيل طور تي 60 پولنگ اسٽيشن ۽ 138 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن. پولنگ جي لاءِ رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ 43784 آهي، پولنگ جي لاءِ ضروري سامان ڇنڇر جي ڏينهن پرزائيڊنگ آفيسرن جي حوالي ڪيو ويو هو.