ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جي خراب صورتحال خلاف آل پارٽيز ۽ ايس يو پي جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ڪشمور ضلعي م امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي ڏينهون ڏينهن ڦر جون وارداتون وڌي ويون ڏوهاري شهرن م ڪاهي پيا هڪ ڏينهن اڳ ڀتو نه ڏيڻ تان ڏوهارين اناج منڊي تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي وئي هئي جنهن م لڏ پلاڻ ڪري ويل انيش ڪمار جيڪو هڪ مهيني بعد هو ته پنھنجي جنم ڀومي ڪنڌڪوٽ واپس آيو ته گولين جي ور چڙهي ويو اهڙي عمل خلاف آل پارٽيز ۽ ايس يو پي جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي احتجاجي ريلي پريس ڪلب کان ڪڍي گھنٽا گھر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي آل پارٽيز موومينٽ جي اڳواڻن دلمراد ڏاهاڻي حاجي حضور بخش مغل ڊاڪٽر ميهر چند ظريت بجاراڻي غلام مصطفي ميراڻي اڪرم باجڪاڻي فدا حسين محمداڻي ء ٻين چيو ته امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي ڌاڙيل سريعام شھرين کان ڀتو وصول ڪري رھيا آھن ڀتو نه ڏيڻ تي ڏوھاري واپارين کي گوليون هڻي زخمي ڪن ٿا بدامني سبب واپاري لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن بدامني سبب شھري خوف مبتلا آهن انهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،شھرين اعلي حڪام کان نوٽيس وٺي امن امان بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو