مانجهند انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ ڪوچ جو آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪار سوار 3 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۽ فوتين کي تعلقا اسپتال مانجهند منتقل ڪيو ويو. مانجهند انڊس هاءِ وي تي ٽوڙي ڦاٽڪ تي ڪار ۽ ڪوچ جو آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت فوتين ۾ عيدن پٽ بهادر جتوئي، شوڪت پٽ ديدار جتوئي شامل آهن هڪ جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي زخمين ۾ منور علي ۽ دوست علي شامل آهن، جن کي طبي امداد ڏئي سول اسپتال حيدرآباد ڏانهن منتقل ڪيو ويو. انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ڪار حيدرآباد کان سيوهڻ طرف ۽ ڪوچ سيوهڻ کان حيدرآباد طرف وڃي رهئي هئي ته ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ آمهون سامهون حادثو پيش آيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.