ڪشمور ۾ ايس ٽي پي طرفان سنڌو درياءَ تي ڪئنال منصوبي خلاف جلسو ڪوٺايو ويو جنهن کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته نواز ليگ حڪومت سنڌو دريا تي 6 ڪئنال ٺاهي سنڌ جي عوام کي پاڻي جهڙي بنيادي حق کان محروم ڪرڻ چاهي ٿي، پر سنڌ جا ڪروڙين ماروئڙا اهڙي سازش کي رد ڪن ٿا. هن خبردار ڪيو ته پاڻي جي بندش سبب نه صرف انسان، پر جيت ۽ جاندار به سخت متاثر ٿيندا. هن چيو ته سنڌ جي عوام ڪئنالن جي تعمير کي سنڌ دشمن سازش قرار ڏنو آهي، حڪمران فوري طور تي ڪئنال جي اڏاوت جو ڪم روڪرائي عوام ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪن. ڊاڪٽر قادر مگسي جلسي کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته 24 فيبروري تي حيدرآباد جي حيدر چوڪ تي هڪ وڏو عوامي مظاهرو ڪيو ويندو، جتي لکين سنڌي پهچي وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر آصف زرداري جي سنڌو تي مبينا ڌاڙي خلاف آواز اٿاريندا. هن چيو ته سنڌ جا عوام زبردستي مڙهيل حڪمرانن مان تنگ اچي چڪا آهن. ڄام فتح سميجو جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌي قوم پنهنجي حقن لاءِ سجاڳ آهي ۽ حڪومت کي ڪنهن به صورت ۾ ڊيم يا ڪئنال ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪشمور جا موجوده حالتون ۽ ديوان برادريءَ جو علائقي مان لڏڻ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، جيڪا سنڌين لاءِ بهادري بدران مجبوريءَ جو اظهار آهي. ايس ٽي پي جي سينئر وائس چيئرمين نثار ڪيريو جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته وفاق هميشه سنڌين جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي سازش ڪندو رهيو آهي، جيڪا قبول نه ڪئي ويندي. جلسي کانپوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي قادر مگسي چيو ته ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ حالتون هڪ منظم سازش تحت خراب ڪيون پيون وڃن ته جيئن سنڌين جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي جي راهه هموار ٿي سگهي. هن ديوان برادريءَ کي مشورو ڏنو ته جيڪڏهن امن امان جا مسئلا آهن ته بجاءِ ڀارت لڏپلاڻ ڪرڻ جي هو عارضي طور تي حيدرآباد يا ڪراچي منتقل ٿي ڪاروبار ڪن، جتي ايس ٽي پي انهن جي تحفظ لاءِ مدد ڪندي، ۽ حالتون بهتر ٿيڻ بعد واپس اچي پنهنجي عبادت گاهن کي آباد ڪن.