پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ ڪراچي پهتل آمريڪي عورت واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

 پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ گرفتار ٿي ڪراچي پهتل آمريڪي عورت واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ايئرپورٽ ذريعن موجب محبت ۾ ناڪامي تي مايوس عورت ڪراچي ايئرپورٽ تي هنگامو شروع ڪري ڇڏيو آمريڪي عورت پهريان اميگريشن ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ ڊپارچر لائونج ۾ جهاز ۾ سوار به نه ٿي. ذريعن موجب عورت مختلف بهانا ڪراچي ڪراچي ايئرپورٽ تي آمريڪا واپس  وڃڻ کان لهرائيندي رهي، محبت ۾ ناڪامي کان پوءِ عورت اڏام ڪيو آر 611  ذريعي دوحه کان نيويارڪ وڃڻو هو. پوليس ۽ ايئرپورٽ سيڪيورٽي آمريڪي عورت کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڊپارچر لائونچ تائين پهچايو پر عورت جهاز ۾ سوار ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جهاز ۾ سوار  نه ٿيڻ ڪري اڏام 36 منٽن جي دير جو به شڪار ٿي. ذريعن ٻڌايو آهي ته سيڪيورٽي ايس او پيز سبب مسافرن کي زبردستي جهاز ۾ سوار نٿو ڪرائي سگهجي. ياد رهي ته اونيجا اينڊريوابنس ڪراچي جي علائقي گارڊن جي رهواسي 19 ورهين جي ندال ميمڻ سان محبت ڪئي هئي ۽ سوشل ميڊيا تي محبت ۾ مبتلا ٻن ٻارن جي ماءُ 11 آڪٽوبر تي ڪراچي پهتي هئي. 19 ورهين جو نوجوان آمريڪي عورت سان شادي جي لاءِ راضي هو پر گهر وارن آمريڪي عورت سان شادي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. آمريڪي عورت ڪيترن ئي مهينن کان ڪراچي ۾ دربدر ٿيندي رهي ۽ پوءِ ان جو واپسي جو ٽڪيٽ به ختم ٿي ويو هو، وزٽ ويزا جو مدو ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي شهر ۾ وڃڻ جي ڪوشش تي اي ايس ايف آمريڪي عورت کي ايئرپورٽ پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. هڪ اين جي او عورت جي آمريڪا واپسي لاءِ ٽڪيٽ ڏنو ۽ مالي مدد به ڪئي هئي، آمريڪي عورت کي سيءَ ۽ زڪام جي ڪري ايئرپورٽ جي ايمرجنسي ڪلينڪ ۾ پڻ داخل ڪيو ويو هو.