برمنگهم ۾ سنڌي ڪميونٽي طرفان ثقافتي شام ملهائي وئي، مزاحيه فنڪار علي گل ملاح ۽ سهراب سومرو کي ڀيٽا پيش

برطانيه ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي هڪ رنگين ثقافتي شام ملهائي، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور مزاحيه فنڪارن علي گل ملاح ۽ سهراب سومرو کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، فهميده بلوچ جي ميزباني ۽ گل سنائي جي نظامت هيٺ ٿيل هن تقريب ۾ برطانيه ۽ آئيلنڊ جي مختلف شهرن مان ايندڙ سنڌي خاندانن شرڪت ڪئي، جنهن  ۾ سنڌي ثقافت، ادب، ٻوليءَ، شاعري، رسم رواج ۽ قدرن کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب جي شروعات گل سنائي جي پرجوش آڌر ڀاءُ سان ٿي جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر هدايت ڀٽو هڪ اثرائتو خطاب ڪيو، جنهن ۾ هن سنڌي ثقافتي ورثي جي تحفظ جي اهميت تي روشني وڌي، ان موقعي تي ڊاڪٽر هدايت ڀٽو، ڪامران لاشاري، جمي ڀٽو، چاڪر علي ۽ وحيد ميتلو کي سندن خدمتن جي مڃتا طور اجرڪ پيش ڪئي وئي. هن سرهي سانجهه جو سڀ کان نمايان حصو علي گل ملاح ۽ سهراب سومرو جي شاندار پرفارمنس هئي، جنهن ۾ هنن پنهنجي منفرد مزاحيه انداز ۾ سماجي موضوعن تي خاڪا پيش ڪري حاضري کان خوب داد حاصل ڪيو. سندن مخصوص فنڪارانه پيشڪش ۽ انداز شامل سنڌي خاندانن جي دلين کي موهي وڌو. فهميده بلوچ ۽ عتيق شيخ، نامور فنڪارن کي اجرڪ ۽ گلن جا گلدستا پيش ڪري سندن خدمتن کي ساراهيو. ان کان علاوه سنڌ جي مشهور ڪلاسيڪل موسيقي جي استاد حنيف لاشاري ۽ واحڊ لاشاري جي ڀائٽيي ڪامران لاشاري جنهن مانچسٽر مان شرڪت ڪئي سنڌي گيت ڳائي مجموعي کي جهومائي ڇڏيو. سنڌي موسيقي ۽ روايتن جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. هن پروقار تقريب ۾ ڳالهائيندي فهميده بلوچ چيو ته سنڌي ڪميونٽي تڏهن ترقي ڪري ٿي جڏهن اسين گڏجي پنهنجي ٻولي، موسيقي ۽ روايتن کي اجاگر ڪريون. هيءُ گڏجاڻي رڳو وندر لاءِ نه هئي پر هنن فنڪارن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ هئي، جيڪي سنڌي ثقافت کي پنهنجي جذبي ۽ رات ڏينهن جي محنت سان اڳتي وڌائي رهيا آهن. علي گل ملاح ۽ سهراب سومرو اسان کي بيشمار خوشيون ڏنيون آهن ۽ برمنگهم ۾ انهن جي ميزباني ڪري ڀرپور آجياڻو ڏيڻ اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. مان سمورن مهمانن جو دل جي گهراين سان شڪر گذار آهيان جن جي شرڪت هن شام کي هميشه لاءِ يادگار بنائي ڇڏيو آهي. تقريب کي وڌيڪ اجاگر ڪندي ويسٽ مڊلينڊس جي يوٿ پوليس اينڊ ڪرائم ڪمشنر، مصطفيٰ کهڙو، به خطاب ڪيو ۽ ثقافتي گڏجاڻي جي اهميت تي روشني وڌي هن سُرهي سانجهه جي پڄاڻي هو جمالو جي گڏيل پيشڪش، گروپ فوٽو سيشن ۽ روايتي سنڌي رات جي ماني سان ٿي. هن حسين شام جون يادون سڀني شرڪت ڪندڙن جي ذهنن تي هميشه لاءِ نقش رهنديون.