ڪراچي: پورٽ قاسم ڀرسان فيڪٽري ۾ ڌماڪو، 2 ڄڻا فوت، 4 زخمي

 ڪراچي ۾ پورٽ قاسم ڀرسان فيڪٽري ۾ ڌماڪي سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 4 سخت زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو ذريعن جو انهي حوالي سان چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ پورٽ قاسم جي ڀرسان فيڪٽري ۾ ڌماڪو بوائلر جي ڦاٽڻ سبب ٿيو، حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته بوائلر ڌماڪي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڌماڪي جا سبب ڄاڻڻ جون به ڪوششون جاري آهن.