تفصيلات موجب، پاڪ فوج جي شعبه تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) جي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ شهادت ماڻيندڙ ميجر حمزه اسرار شهيد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي۔ آءِ ايس پي آر موجب، جنازي نماز چڪلاله گيريشن راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي، جتي وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وزيردفاع ۽ وزيراطلاعات به شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون، ۽ اسان ايندڙ نسلن کي پرامن ۽ محفوظ پاڪستان ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون۔ هن وڌيڪ چيو ته سڄي قوم پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي۔ ترجمان موجب، شهيد ميجر حمزه اسرار جو جسد خاڪي سندن آبائي علائقي روانو ڪيو ويو آهي۔ گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ هڪ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪندي ڇهه خوارج هلاک ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ته ميجر حمزه اسرار ۽ سپاهي محمد نعيم بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي۔ ميجر حمزه پنهنجي دستي جي اڳواڻي ڪندي شهادت ماڻڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، ۽ سندن تازو ئي شادي ٿي هئي۔