نئين سال جو پهريون مهينو ڪراچي وارن لاءِ ڳڻتي جو باعث بڻجي ويو، جتي 45 ماڻهن کي گوليون مار ڪري قتل ڪيو ويو.

تفصيلات موجب، نئين سال جو پهريون مهينو ڪراچي وارن لاءِ ڏکيو ثابت ٿيو، جتي جنوري مهيني دوران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 45 کان وڌيڪ افراد قتل ٿي ويا، جن ۾ 5 خواتين به شامل هيون. پوليس جو چوڻ آهي ته 20 جنوري کي سڀ کان وڌيڪ، يعني 7 ماڻهو قتل ٿي ويا، جڏهن ته 24 جنوري تي مختلف فائرنگ جي واقعات ۾ 5 ماڻهو زندگي گنوا ويا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنوري ۾ مختلف علائقن ۾ ڊکيتين جي مزاحمت سبب 5 شهرين جي جان ٿي، جڏهن ته شهر ۾ جھيڙا ۽ دشمنين جي ڪري پڻ فائرنگ ٿي، جنهن سان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي ويا. پوليس آفيسر جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ خاتون سميت 7 ماڻهن جي شناخت نه ٿيڻ سبب انهن جي لاشون ايدهي سردخاني ۾ رکيا ويا آهن۔