وفاقي سرڪار عوام تي هڪ دفعو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري

وفاقي سرڪار لاڳيتو ٽيون ڀيرو عوام جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. وفاقي ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گڏيل طور تي 7  روپيه اضافو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ هڪ روپيو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ في ليٽر نئين قيمت وڌي 257 روپيه 13 پئسا ٿي وئي آهي. حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 7 روپين جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل مهانگو ٿي في ليٽر 267 روپيه 95 روپيه ٿي ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) پيٽروليم شين جي قيمت جو عالمي مارڪيٽ ۾ تازي هيٺ مٿانهين جي روشني ۾ جائزو وٺڻ کان پوءِ نيون قيمتون مقرر ڪيون آهن. ياد رهي ته حڪومت 31 ڊسمبر تي پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جي اعلان ۾ نئين سال جي شروعات تي پهرين جنوري کان ئي عوام جي لاءِ پيٽروليم شيون مهانگيون ڪري ڇڏيون هيون، پيٽرول جي قيمت ۾ جنوري مهيني ۾ 56 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو هو. 15 جنوري تي پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ وڌيڪ 3 روپيه 47 پئسن جو اضافو ڪيو ويو هو ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل به 2 روپيه 61 پئسا مهانگو ڪيو ويو هو.