ڊيرا اسماعيل خان ۾ ليويز جي گاڏي تي فائرنگ، 4 اهلڪارن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا

 ڊيرا اسماعيل خان ۾ ليويز جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ليويز اهلڪارن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا آهن. اسسٽنٽ ڪمشنر موجب ڊيرا اسماعيل خان جي تعلقي درابن ۾ خانوزئي ليويز اهلڪار نجي ڊرائيور سان گڏ چوري جي ٽرڪ هٿ ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته نامعلوم ماڻهن طرفان فائرنگ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ گاڏي ۾ باهه لڳي وئي. مارجي ويل ليويز اهلڪارن جا مڙهه درابند اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، سمورن ماڻهن جو تعلق قلعه سيف الله بلوچستان سان ٻڌايو پيو وڃي. پوليس اختيارين موجب واقعي کان پوءِ پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.