پريالوءِ: سولنگي ناريجا تڪرار جي حل لاءِ سماجي اڳواڻن جي ميڙمنٿ

پريالوءِ ۾ هلندڙ سولنگي ناريجا تڪرار جي صلح لاءِ سماجي اڳواڻ شائسته کوسو ۽ صحافي نويد احمد کهڙو جي اڳواڻي ۾ سولنگي ناريجا ڌرين وٽ ميڙمنٿ قافلو پهتو، تڪرار ۾ ڳوٺ ملاڻو ناريجا جا رھواسي مارجي ويل ٽن نوجوانن جي وارثن وٽ سماجي اڳواڻ شائستا کوسو ۽ خيرپور يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻ نويد احمد کھڙو ڳوٺ ملاڻو ناريجو ۾ پھچي فوتي نوجوانن جي وارثن خدابخش ناريجو عاشق حسين ناريجو ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي ء ٺاھ لاءِ پڻ اپيل ڪئي ان موقعي تي سماجي اڳواڻ شائستا کوسو ۽ صحافي نويد احمد کھڙو جن ۽ ٻين معززين کي ناريجا برادري مان ڏيندي چيو ته اسان جو جھيڙي سان ڪو به تعلق ناھي اسان جي نوجوانن کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي ۽ پوليس به ونگارو ڪردار ادا ڪري رھي آھي اسان ھر وقت فيصلي لاء راضي آھيون اسان جھيڙو نه پر امن ٿا چاھيون اسان جو سولنگي ناريجا تڪرار سان پري تائين ڪو به تعلق نه آھي اسان کي اوھان اڳواڻ جتي به حڪم ڪندا اسان فيصلي لاء تيار آھيون- جنهن کان پوءِ ميڊم شائسته ء صحافي نويد کهڙو ڳوٺ گاگڙي پهچي سولنگي برادريء جي مارجي ويل نوجوانن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ء چڱن مڙسن جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر سليم احمد سولنگي اطهر سولنگي ء سولنگي برادريء کي ٺاھ لاءِ زور ڀريو جنهن تي سولنگي برادري به ٺاھ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي ميڙمنٿ قافلي ۾ نديم علي عباسي جافر تنيو اظهر ابڙو عبدالقيوم ميتلو عبدالرحيم عباسي ظفر منڱڻيجو ٻيا ساڻس گڏ ھئا