ڪنڌرا: گھرو اڻبڻت تان عورت جي مبينا خودڪشي، مڙس گرفتار

ڪنڌرا پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ڪنڌرا لڳ بيگمانجي اسٽيشن جي رھواسڻ مائي تاجل مستوئي گھرو اڻبڻت تان پاڻ کي مبينا طورگولي ھڻي خود ڪشي ڪري ڇڏي جنهن کي پوسٽ مارٽم لاء رورل ھيلٿ سينٽر ڪنڌرا آندو ويو ايس ايڇ او ڪنڌرا شڪ جي بنياد تي مائي تاجل مستوئي جو مڙس سونو مستوئي کي گرفتار ڪيو آهي ايس ايڇ او ڪنڌرا امداد علي جسڪاڻي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته مائي تاجل مستوئي جي مبينا ٿيل خود ڪشي جي ھر طرف کان جاچ ڪئي ويندي سندس جاچ ۾ ان جي مڙس سونو مستوئي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ضرورت پئي ته سونو مستوئي جا ويجھا عزيز به جاچ ۾ شامل ڪيا ويندا